ابڙو تاج محمد

ابڙو تاج محمد

ابڙو تاج محمد

ابڙو تاج محمد: سنڌ جي اھم سياسي شخصيت ٿي گذريو آھي، سندس جنم ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي تعلقي شھدادڪوٽ ۾ 1924ع ۾ ٿيو، قنبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين. سياست سان شروع کان ئي دلچسپي رھيس، ان وقت ھندستان جا اڪثر مسلم شاگرد، پاڪستان تحريڪ ۾ ھئا. 1947ع ۾ لاڙڪاڻي مان وڪالت شروع ڪيائين. گھڻو ڪري فوجداري ڪيس کڻندو ھو، دوستي ياري نڀائيندي ڪيترا ڪيس مفت ۾ کڻندو ھو ۽ سندس ڪمائيءَ جو وڏو حصو مھمان نوازيءَ ۾ ھليو ويندو ھو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کيس سيشن جج مقرر ڪيو. ھن ڪنھن به لالچ ۾ اچي، ڪڏھن به فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاھي نه ڪئي،سندس دامن ھميشه صاف رھيو. تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمھوري خيالن جو حامي ھو ، اھو ئي سبب ھو، جو ھاري ڪميٽيءَ ۽ ٻين ترقي پسند جماعتن ڏانهن ھليو ويندو ھو. اقتدار جي سياست ۾ تاج محمد ابڙي جي دؤر ۾ محمد ايوب کھڙو، قاضي فضل الله ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اعليٰ مقام تي رھيا، پر تاج محمد ابڙي کانئن ڪڏھن به پنھنجي ذات لاءِ فائدو نه طلبيو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر آهي ته حيدرآباد جي مير برادران مير علي احمد ٽالپر ۽ مير رسول بخش ٽالپر کي پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تاج محمد ابڙي ۽ جمال ابڙي ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب جي خواهش تي راضي ڪيو هو.
10 مارچ 1986ع دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪيائين. سندس يار دوست کيس عام طرح ”ڪامريد تاج محمد ابڙي“ جي نالي سان ياد ڪندا آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.00.00  عيسوي

ابڙو ، تاج محمد: سنڌ جي اھم سياسي شخصيت ٿي گذريو آھي ، سندس جنم ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي تعلقي شھدادڪوٽ ۾ 1924ع ۾ ٿيو ، قنبر ، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين .


1986.03.10  عيسوي

ابڙو ، تاج محمد: 10 مارچ 1986ع دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪيائين . سندس يار دوست کيس عام طرح ” ڪامريد تاج محمد ابڙي “ جي نالي سان ياد ڪندا آھن .



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الاهي بخش پير
امير حيدر ڪاظمي
انڙ غلام رسول
بچاڻي شمشاد بيگم
احمد علي خان جلباڻي
اميرعلي شاهه پير
ارباب غلام رحيم
اياز سومرو
انور احمد خان مهر
امداد علي پتافي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون